رڪن شاهه جي مسجد

رڪن شاهه جي مسجد

رڪن شاهه جي مسجد

رڪن شاهه جي مسجد: هيءَ اسلامي دور جي يادگار مسجد مٽياريءَ ۾، سيد هاشم جي مقبري جي ڀر ۾ موجود آهي. هن مسجد جي هڪ طرف سيد هاشم شاهه ۽ ٻئي طرف سيد رڪن الدين جو مقبرو آهي. مسجد اندران گارڊرن ۽ ٽيئرن جي ٺهيل آهي، تنهنڪري ان جي قدامت متاثر ٿي چڪي آهي. مهاڙي ٽه کڻي اٿس. مهاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. اڳيان پڌر اٿس، جيڪو 11.10x8.40 ميٽرن جي پکيڙ جو آهي. مهاڙيءَ جي ٻاهران ويڪر 8.40 ميٽر آهي. دروازي جي ونگ ٻاهران 2.10 ميٽر، جڏهن ته دروازو چوکٽ سميت 1.90x.97 ميٽرن جو آهي. ڏکڻ پاسي واري ڀت جي ڊيگهه 7.70 ميٽر آهي. مسجد مستطيل رٿ جي آهي ۽ ان کي ٽي دروازا آهن. مهاڙي اڀن پانيلن سان، پاسن ۽ وچ تي ڪل چار نيلون ڪلسن سان لڳل آهن. سواءِ مهاڙيءَ ۾ لڳل ڪجهه سرن جي باقي سمورو ڪم نئون ٿيل ٿو ڏسجي، ڪو به ڪتبو وغيره ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هن مسجد لاءِ سيد رڪن الدين شاهه جو چوڻ هو ته ”منهنجي مسجد مٽياريءَ جي سڀني مسجدن جي مهندار آهي، ان ۾ جيڪو شخص پنج وقت نماز پڙهندو ان تي قيامت ڏينهن شفاعت ڪندس“. انهيءَ بشارت سببان مخدوم هاشم ٺٽويءَ ۽ سندس پوٽي مخدوم ابراهيم مڏئي واري به هن مسجد ۾ نماز جا پنج وقت اچي پڙهيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو